ڊاڪٽر محمد علي صديقي

ڊاڪٽر محمد علي صديقي

صديقي محمد علي ڊاڪٽر

صديقي، محمد علي، ڊاڪٽر: نامور ترقي پسند اديب، دانشور ۽ نقاد ڊاڪٽر محمد علي صديقي 1938ع ڌاري هندستان جي شهر امروهه ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر صديقيءَ جو خاندان ورهاڱي کانپوءِ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيو، جنهنڪري هن جي تعليم ڪراچيءَ ۾ ٿي. هن عيسائي مشن اسڪول مان شروعاتي تعليم ورتي، 1953ع ۾ ڊي. جي سائنس ڪاليج مان انٽر ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ترقي پسند ۽ روشن خيال اديب هو، مٿس ڪميونزم جو گهڻو اثر هو، سندس لکڻ جو پهلو نج مارڪسٽ هو. جيتوڻيڪ سندس وسيع مطالعي هيٺ ٻيا به علم هئا، پر مارڪسزم جو دفاع سوويت يونين کانپوءِ جهڙي نموني هن ڪيو، اهڙو مثال ٻئي هنڌ نه ٿو ملي. ترقي پسند فڪر سندس شعور جي ميراث هو ۽ ڪارل مارڪس جو دفاع ڪندو هو. اهڙي طرح جڏهن ملڪ جي يونيورسٽين ۾ پاڪستان اسٽڊيءَ جا ادارا قائم ڪيا ويا ته 1992ع ۾ هن پاڪستان جي سماج کي سمجهڻ لاءِ ان مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي، پر بعد ۾ ساڳئي مضمون ۾ ڊِي. لِٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر محمد علي صديقي آخري وقت تائين ‘انجمن ترقي پسند مصنفين’ جو صدر رهيو. هو انگريزي، فرانسي ۽ فارسي ٻولين سان گڏ سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ به مهارت رکندو هو. هن سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي شاعرن تي مضمون ۽ خاڪا لکيا. هي پاڪستان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي علمي ۽ ادبي تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل رهيو. هن ڪيترين ئي ٻولين ۾ تحقيقي، تنقيدي ۽ اصلاحي مضمون لکيا، جن جو شمار ملڪ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ تاريخي ادب طور ٿئي ٿو. هي روزاني ‘ڊان ’ ۾ ٻن ڏهاڪن تائين ‘ايريل’ جي نالي سان لکندو رهيو. سندس ويهارو کن ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن کي علمي، ادبي حلقن ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل آهي. کيس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان طرفان 2003ع ۾ صدارتي اوارڊ سان پڻ نوازيو ويو، ان کان علاوه کيس بين الاقوامي سطح تي ‘ڪينيڊين اسٽڊيز آف سائوٿ ايشين اسٽڊيز’ پاران بهترين عالم جو اعزاز پڻ ڏنو ويو. ڊاڪٽر محمد علي صديقي 75 سالن جي عمر ۾ جنوري 2013ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو